ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ڪابينا حيسڪو  ۽ سيپڪو کي وٺڻ، ڪراچي جي 3 اسپتالن  جا 25 سال انتظام سنڀالڻ،  ڪي ايم سي جي ميڊيڪل ڪاليج کي مادرعلمي جو درجو ڏيڻ، عوام کي سستي اٽي جي فراهمي لاءِ  ساڍا 23 اربن  جي سبسڊي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ فلور ملن کي جاري ٿيندڙ سستي ڪڻڪ  بابت جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪاميٽي ڪڻڪ جي 100 ڪلو جي ٻوري تي 5825 رپين جي حساب سان 23.559 ارب رپيا سبسڊي ڏيڻ جي سفارش ڪئي. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته فول پروف حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن سبسڊي جو فائدو حقيقي صارفين تائين پهچائي سگهجي، صوبي ۾  اٽي جي قيمت 58 کان 65 رپيا في ڪلو  رکي وڃي. ڪابينا پاسڪو کان 2 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ 16.768 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاسڪو هڪ لک ٽن پاڪستاني ۽ هڪ لک پرڏيهه مان گهرايل ڪڻڪ ڏيندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 18هين ترميم تحت سنڌ حڪومت ڪراچي جي 3 اسپتالن جو انتظامي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ويسڪيولر ڊپارٽمينٽ کي مئي 2019ع ۾  عدالت وفاقي حڪومت حوالي ڪيو، بعد ۾ وفاقي ڪابينا جولاءِ 2019ع ۾ ڄاڻايل اسپتالن  کي سنڌحڪومت حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، 18 آگسٽ 2022 تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ معاهدي جو مسودو پيش ٿيو، 25 سالن  جي معاهدي تحت سنڌ حڪومت صحت کاتي ذريعي اسپتالن کي هلائڻ، ۽ اپ گريڊ ڪرڻ جي مجاز هوندي، پگهارن،  دوائن، يوٽيلٽيز، ۽ ترقياتي خرچ سنڌ حڪومت برداشت ڪندي. صوبائي حڪومت ضروري عملي کي ڀرتي ڪرڻ جا به اختيار رکندي،  ملازمن کي سنڌ صوبي جي قانون تحت مقرر ڪيو ويندو،  25 سالن بعد معاهدو ختم ٿيڻ کانپوءِ انهن ملازمن کي صوبائي حڪومت ۾ ضم ڪيو ويندو، معاهدي تحت اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ سمورا وفاقي حڪومت جا ملازم ڪم ڪندا رهندا. سنڌ ڪابينا معاهدي جي مسودي جي منظوري ڏيندي وفاقي حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو، ڪابينا ”ون نيشن فائونڊيشن“ جي درخواست تي الغزالي يونيورسٽي (جامعه غزالي) ڪراچي کي چارٽر ڏيڻ جي منظوري ڏني، وڏي وزير چيو ته سنڌسرڪار فلم انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ  چاهي ٿي، ان ڪري  فلم تي  ڪا في نه لڳائي ويندي. سنڌ ڪابينا حيسڪو ۽ سيپڪو وٺڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو هن وقت وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آهن، سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول ۾ اچڻ بعد انهن جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو، جنهن تي وڏي وزير توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته  هڪ ڪنسلٽنٽ ڪمپني کان حيسڪو ۽ سيپڪو جي اثاثن، بقايائن ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي رپورٽ ٺهرائي وڃي، سنڌ سرڪار ٻنهي ڪمپنين کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائيندي، ڪابينا ڪي ايم سي جي ماتحت هلندڙ ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ( ڪي ايم ڊي سي) کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ميڊيڪل يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، نئين يونيورسٽي جي ٽيچنگ اسپتال عباسي شهيد هوندي، اجلاس ۾ يونيورسٽي جو بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ شهيد بينظير آباد ۾ يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن لاءِ ايس آءِ يو ٽي جي طرز تي انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽ (بي آءِ يو ٽي) نوابشاهه جي منظوري ڏئي بل اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. ڪابينا صحت کاتي جي درخواست تي خريد ٿيندڙ  دوائن تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي ادا ڪرڻ تي 434.188 ملين رپين جي اضافي گرانٽ جي منظوري ڏني. ڪابينا ۾ يونيورسٽي اينڊ بورڊز واري کاتي درخواست ڪئي ته حيدرآباد ڊويزن  جا 27 ڪاليج سنڌ يونيورسٽي سان سلهاڙيل آهن، جن کي ڪاري موري ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد حوالي ڪيو وڃي، جنهن  تي ڪابينا صوبائي وزير اسماعيل راهو، سردار شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب  تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي سفارشون طلب ڪري ورتيون، سنڌ ڪابينا سال 2012 ع  ۾ پير مظهر دور ۾ ڀرتي ٿيل ڪراچي ڊويزن جي 297 استادن جون ڀرتيون جائز قرار ڏيڻ واري تعليم کاتي جي سفارش منظور ڪري ورتي، سال 2018.19ع آءِ بي اي ٽيسٽ پاس  ڪرڻ بعد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل 3720 جي اِي ايس ٽيز ۽ اي سي ٽيز کي به پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سال 2012 ۾ تعليم کاتي اندر ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي شڪي ڀرتين واري ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو، ڪابينا پاران ڪراچي جي 297  ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جون ڀرتيون جائز قرار ڏيڻ واري تعليم کاتي جي سفارش منظور ڪئي وئي. اجلاس ۾ سال 2018.19ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل جي اِي ايس  ٽيز  ۽ اِي سي  ٽيز  کي  پڻ پڪو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.