حيران عوام ۽ سڙندڙ جناح ھائوس

0
271
حيران عوام ۽ سڙندڙ جناح ھائوس

 اوچتو ئي اوچتو  ملڪ جي ٻن صوبن ۾ باھ ڀڙڪي ويئي، جڏھن ڪورٽ مان عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو. يڪدم انٽرنيٽ بند ڪئي ويئي۔ وڳوڙين عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندي خانگي توڙي  اھم ملڪي عمارتن کي نقصان پھچايو. ريڊيو پاڪستان پشاور، سوات موٽر وي ٽول پلازا، ميٽرو اسٽيشن راولپنڊي، يادگار ايئر فورس ميانوالي، پوليس قيدين جي وين، پوليس موبائل، ايڌي ايمبولينس، پيپلز بس چاغي ماڊل. پشاور شھيدن جا يادگار، جي ايڇ ڪيو ۽  ڪور ڪمانڊر ھائوس لاهور، جيڪو تباھ ٿيڻ کان پوءِ جناح ھائوس طور ظاھر ٿيو آھي. قوم جناح ھائوس کي وساري چڪي ھئي، ڇو ته قائد اعظم جو گھر ھاڻي ڪور ڪمانڊر لاھور جي رھائش گاھ ۾ تبديل ٿي چڪو ھو. تاريخ جي گم ڪيل پنن ۾ شايد ڪٿي لکيل به نـه ھجي تـه ايوب خان جي آمريت واري دور ۾ محترما فاطمه جناح ان جناح ھائوس کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگھي. ان کي  پنھنجو گھر نه مليو ھو. اھو گھر “قومي تحويل” ۾ ھليو ويو. عام ماڻھوءَ جي پھچ کان گھڻو پري ھو ۽ سخت حفاظت ۾ ھو، پر ھاڻ جڏھن تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران انکي ساڙيو ويو آھي تـه ان جا تباھ ٿيل دروازا ماتم ڪرڻ لاءِ عوام لاءِ کوليا ويا آھن  ۽ ان نقصان کي قومي نقصان ثابت ڪيو پيو وڃي. ان جي  تقدس کي پڻ اجاگر ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته  ان “بيحرمتي” تي  عوام وڌيڪ ردعمل ڏيکاري.

ڪيس، ٻڌڻيون، ضمانتون، انتشار، ساڙيو ماريو، گرفتار ڪريو جي ڌٻڻ ۾ سياسي صورتحال ڦاٿل آھي. قومي مفاد، قومي نقصان، قومي ملڪيت، قومي راز، قومي مفاد جي دائرن ۾ سڄي قوم گھوماٽجي اھو پڻ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي تـه قوم ڇا آھي؟ ۽ قومي مفاد قوم کان ايترو پري ڇو آهي؟

9 مئي عمران خان جي گرفتاري کانـپوءِ ملڪ جي ٻن صوبن ۾ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن جا احتجاج ۽ سياسي اڳواڻن جون گرفتاريون شروع ٿيون ته ايتري قدر جو بيچين ٿي اعليٰ عدالت عمران خان کي پروٽوڪول سان ڪورٽ ۾ گھرايو ۽ ان کي يڪي ضمانت ڏيئي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ صرف بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ پئي ھلي. ھڪ خبر سياستدانن ٻَڌجڻ جي ته يڪدم ٻي خبر ضمانت جي ۽ آزادي جي پئي ھلي. تحريڪ انصاف سان ڪھڙو سلوڪـ ڪرڻو آھي، اھو خبر نه آھي ڪير طئي ڪري رھيو آھي؟

ڳالهه رڳو سياستدانن جي ئي نه آهي، هتي ته ملڪ جا اهم ادارا به ورهايل ٿا نظر اچن. ڪا اندروني ڇڪتاڻ آھي جيڪا اندر ئي اندر ڪنھن لاوي جيان پچي رهي آهي ۽  خبر نه آهي ته اھو آتش فشان ڪھڙي وقت ۽ ڪنھن جي مٿان ڦاٽندو ۽ اھو لاوو ڪڍندو!! اھو عجب تماشو آهي. ھن وقت بظاھر عدليا ۽ پارليامينٽ آمھون سامھون آھن ۽ ھڪ ٻئي جي اختيارن تي آڱر کڻي رھيا آھن. پارليامينٽ  اھا جاءِ، جتي قانون سازي ڪئي ويندي آھي ۽ ٻيو اھو ادارو جتي آئين جي تشريح ڪئي ويندي آهي، قانون تي عمل ڪرايو ويندو آھي پر ھن وقت پارليامينٽ عدليا جا اختيار گھٽائڻ لاءِ قانون سازی تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ مصروف آھي. صرف بيان پيا ھلن. ادارن جون حدون به طئي ٿيل نه آھن، نه وري ڪي اصول ٿا نظر اچن. لڳي ٿو تـ ڪو گرينڊ جرڳو پيو ٿئي، جنھن ۾ ڌريون ھڪ ٻئي تي الزام ھڻندي بنا نتيجي جي ڳالھائين پيون. اھا ڳالھ غور طلب آھي ته واقعن کي بنياد بڻائي قانون سازي ڪرڻ ڪيتري قدر عوامي مفاد ۾ آھي؟

قانون سازي زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي عوام جي تحفظ لاءِ ڪجي يا جاين عمارتن جي تحفظ لاءِ ڪجي !

اھم ادارن جي گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو ته فوج جي ۽ ملڪ جي  اھم جاين تي حملن ۾ملوث ماڻھن تي آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس ھلايا ويندا، اھا ڳالھ پڻ تشويش ڏيندڙ آھي ته عام ماڻھن لاءِ جڏھن ملڪي قانون ۽ عدالتون موجود آھن ته پوءِ ڇا صرف جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر جي گھر تي حملي جي رد عمل ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو آھي؟ جھڙي طريقي سان رستي ھلندي به ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ان مان محسوس ٿئي ٿو ته وڳوڙين سان گڏ عام ماڻھو پڻ نشانو بڻجي رهيا آھن.

اتحادي جماعتن پاران قومي سلامتي واري گڏجاڻي ۾ ان معاملي جي نه نندا ڪئي ويئي، نه وري ان تي ڪو اعتراض ڪيو ويو! دھشت گردي ڪري ملڪ جي عمارتن کي نقصان پھچاڻئڻ، عوام ۾ خوف پيدا ڪرڻ يقينن ته قابل مذمت آھي پر سزا ملڪـ جي قانون مطابق ڏجي.

نگران وزير اطلاعات پنجاب عامر مير جي پريس ڪانفرنس ۾ واضح چيو ويو ته، ھاڻي ملٽري ڪورٽس  ۾ دھشت گردن جا ڪيس ھلندا ۽ پوليس کي اجازت پڻ ڏني و.ي آھي ته شرپسندن کي گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ڏين ۽ دھشتگردن يا وڳوڙين خلاف ھٿيارن جي استعمال جي پڻ اجازت ڏني وئي آھي. ھن وقت تائين 3400 ماڻھن تي 254 ڪيس درج ٿي چڪا آھن. ھنن سڀ ثبوت گڏ ڪيا آھن. ھاڻي اھو سوال ڪرڻ جي جرئت ڪو به نه ڪندو ته ان سڄي ڀڃ ڊاھ ۽ تباھي جي مڪمل ريڪارڊنگ ڪنھن ڪئي !!

پارليامنٽ  ۾ چيف جسٽس جي رويي تي پڻ اعتراض واريا ويا. سياست دانن جي بيانن بابت به ڳالھايو ويو، ملڪي حالتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. سياسي انتشار تي تشويش جو اظھار بـه ٿيو پر ڪنھن منصوبا بندي جي کوٽ محسوس ٿي. ھن سياسي ڌٻڻ مان نڪرڻ جو رستو ڪنھن به نه ٻڌايو يا شايد ڪنھن وٽ رستو آھي ئي ڪونه يا ان بابت ڪير بـ سوچڻ نه پيو چاھي.

ملڪ ۾ ھن  انتشار جا گھڻا سبب ھوندا پر اھم سبب پاڪستان جو چين ڏانھن لاڙو ظاھر ظھور نظر اچي ٿو. جنھن ڏينھن پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جو دورو ڪيو ۽ واپس اچي چائنا سان اھم اقتصادي معاملن تي گڏجاڻي ڪئي، جنھن ۾ چائنا پاران بھتر اقتصادی لاڳاپن ۽ بھتر اقتصادي ترقي لاءِ پاڪستان کي سياسي صورت حال ۾ استحڪام آڻڻ بابت  مشورو ڏنو ويو، ان کان پوءِ يڪدم ملڪـ ۾ عجيب طريقي سان معاملا خراب ٿيڻ لڳا. سي پيڪ جي منصوبي جي ابتدا کان ئي چائنا جي انجنيئرن جا قتل به ٿيا، اغوا به ٿيا ۽ حساس علائقن ۾ دھشت گردي جا واقعا پڻ ٿيا ھئا.

سوال اھو آهي ته پاڪستان ۽ چائنا جي بھتر اقتصادي تعلقات مان نقصان ڪنھن کي آھي؟ اھي ڪھڙا ڳجھا ھٿ آھن، جن کي پاڪستان جي ڪمزور معيشت مان فائدو آھي؟ ھن سڄي خطي جي بھتري ۽ ترقي ڪنھن جي اک ۾ڪنڊي جيان چڀي رھي آھي؟ بين الا قوامي  صورتحال ۽ ملڪ جي خارجا پاليسين ۾ ڇو وٿيون آھن؟!

الميو اهو آهي ته سوچڻ غور ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿي ڪئي وڃي، يا ائين چئجي ته اعليٰ ايوانن کان وٺي اعليٰ ڪرسين تايئن ڪنھن کي بہ سوچڻ پرجھڻ جو اختيار ئي نه آھي، بس طئہ ٿيل دڳن تي ئي ھلڻو ٿو پوي. عوام جو مفاد ڪٿان شروع ٿو ٿئي ۽ ڪٿي ختم ٿو ٿئي، ان جي لاءِ به ڪنھن وٽ وقت نه آھي. بس تقدس صرف عمارتن ۽ ادارن جو مٿانھون آھي، باقي انسان ته ڄڻ پيدا ئي مرڻ لاءِ ٿيو آھي.

حقيقت ته اھا آھي ته جنھن وقت سياست دان ۽ ٻيا ادارا  انساني زندگي جي تحفظ کي ۽ تقدس جي اھميت کي مڃتا ڏيندا، ان ـوقت ئي ملڪ ۾ گهڻي ڀاڱي امن قائم ٿي  سگھندو، ھن وقت ملڪ تي گھري ڪاري  جبري رات  طاري ٿي رھي آھي. ان ۾ ئي عوام کي جيئڻ سيکاريو پيو وڃي. روشني کان ڊيڄاريو پيو وڃي. غير يقيني واری سياسي صورتحال ۾ عوام دوست ۽  دشمن، رهزن ۽ رھنما جي سڃاڻپ ڪرڻ کان قاصر آھي.

Haseen19haseen@gmail .com