حيدر بخش روپ چانڊيو: سنڌ جو يگانو ڪردار

0
42

احمد خان چانڊيو 

  پورهيتن ، هارين مزدورن جو ساٿي حيدر بخش عرف روپ چانڊيو اسان کان هميشه لاء موڪلائي ويو. هن جي موڪلاڻي جي جڏهن خبر دوستن ٻڌائي ته ذهن جي ڪينواس تي شيخ اياز جون هي سٽون تري آيون:

موت متان ڀائين، سڪا پن ميڙين پيو ،

جهونو آرائين ، ڇني گل گلاب جا،

                 ضلعو بدين جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، هتان جي گيس، تيل ۽ ٻين وسيلن تي ذري گهٽ اڌ ملڪ پلجي پيو ، ان خطي جي املھ ماڻڪ ڪردار حيدربخش روپ چانڊئي جو جنم تلهار تعلقي لڳ پيرو لاشاري اسٽيشن کان 4/5 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ عمر چانڊئي ۾ ٿيو. پورهيت خاندان ۾ پيدا ٿيل روپ چانڊيو ننڍپڻ کان ئي باغي ذهن رکندڙ ٻار هو . هن  جي خاندان سدائين ظالمن سان چوٽون کائي مظلومن جي طرفداري ۽ پاسداري پئي ڪئي آھي.

                 روپ چانڊئي سياست جي شروعات ون يونٽ واري تحريڪ کان ئي ڪئي. هن جا سياست ۾ آئيڊيل شهيد فاضل راهو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو هئا. روپ چانڊيو  شهيد فاضل راهو ، رسول بخش پليجي صاحب ۽ ٻين هزارين ڪارڪنن پاران ٺاهيل سنڌي عوامي تحريڪ جو بنيادي رڪن هو. جنهن ضيائي مارشلا دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جيل به ڪاٽيو، جتي هو ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي پ پ، جي يو آئي، پي اين پي، اين ڊي پي جي  وڏن وڏن اڳواڻن سان گڏ رهيو. 1979ع ۾ هن سنڌي هاري تحريڪ جي راهوڪي واري جلسه ۾ سڄي ڳوٺ مان شرڪت ڪرائي هئي ۽ ادارن جي هٽ لسٽ تي رهيو . هن جو سڄو خاندان عوام دوست، سنڌ دوست، وطن دوست سياست جو پيروڪار هو. هن جو وڏو ڀاءُ لعل محمد عرف لعل سنڌي سن جي سائين جو ويجهو ۽ پراعتماد ساٿي هو. جيڪو آخري هڏڪي تائين سن جي سيدن کي ساريندو رهيو . روپ ۽ سندن ڀائرن کي سندس امڙ جي اها لولي ڏنل هئي ته هو ڪنڌ جهڪائي جيئڻ بجاءِ پنهنجا ڳاٽ اوچا ڪري هلن .

 1980ع واري ڏھاڪي ۾ يونان جي هڪ انقلابي ۽ گوريلا خاندان جي هڪ عظيم پٽ اليگزينڊرز پينا گولز جيڪو يونان ۾ فوجي ڊڪٽيٽرشپ خلاف ويڙھاند وڙهي رهيو هو، انجا ننڍا ڀائر شهيد ڪيا ويا هئا، فوجي آمرن ان جي جهور پوڙهي ماء کي ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ڪري ڇڏيو هو ، انقلابي پيناگولز جي پوڙھي ماء جيل مان پنهنجي پٽن جي نالي هڪ کليل خط لنڊن جي ڪنهن اخبار ۾ ڇپايو هو . جنهن ۾ هن هڪ تاريخي جملو  لکيو هو ته : “وڻ ھميشه پنهنجي پيرن ڀر بيٺل ئي مرندا آھن” روپ چانڊيو دنيا جي انهن گمنام انقلابين منجهان هو، جن لاء ئي شايد شيخ اياز چيو هو ته:

ماڻهو منجھ مهان، سپنو هن سنسار جو،

جنهن کي ڳوليندو رهيو ازل کان امڪان ،

آخر ٿي انسان رانول روپ پرائيو.

روپ چانڊيو هڪ خود دار انسان هو، جنهن سڄي زندگي پورهيا ڪيا زمينون کيڙيون لابارا ڪيا، هن جي نس نس ۾ پورهيت دوستي ۽ پورهئي سان پيار سمايل هو . اڄ کڻي هو جسماني طور اسان کان دور ٿيو آھي، پر اسان سمورن دوستن، عزيزن ۽ ڪارڪنن جي دلين ۾ زنده رهندو. اڄ لاڙ سميت سڄي سنڌ جا دوست ۽ ساٿي ان کي ياد ڪن ٿا،

ڪٿي آھين مينڌرا؟ مون کي سڏ ته ڏي،

وئين هيئين ڇڏي، ڪهڙي ڪارڻ ڪاڪ ۾؟

روپ صاحب سان اسانجو  رشتو ذهن ۽ ضمير وارو رشتو هو.

روپ چانڊيو لاڙ جي هر ماڻهو جيان لطيف سائين جو وڏو ڄاڻو ،مداح ۽ پارکو هو . هن منجھ لطيف سائين جي سورمن جهڙا گڻ پسبا هئا،

پيئڻ تي جيئڻ ، گهوري گهوٽ وهاٽيا،

رئندو تن لاء راتڙيون ، سدائين سانوڻ ،

هو جي مري ڄڻ ، موکي ء کي موکي ويا،

حيدر بخش روپ چانڊيو سوين، هزارين يارن دوستن جو ڀرجهلو ۽ ڏڍ هو . گهڻا سال اڳ ٽنڊو باگو ۾ هڪ بدمعاش وڏيري هاليپوٽن جي ڳوٺ جي هارين جو واٽر ڪورس بند ڪرايو ، روپ صاحب پنهنجي ساٿين سميت اتي پهچي وڏيرن جي پالتو غنڊن کي ڀڄائي واٽر کولرايو . روپ چانڊيو تر جي هر مظلوم ماڻھو سان ڏک ،سک ۾ گڏجي بيهندو هو ۽ انهن جي وس آھر  مدد به ڪندو هو . اهو تصور ۾ به نه هو ته روپ اسان کان ايئن تڪڙو ڏور غفائن ۾ هليو ويندو،  .  پر اسان کي ان تي فخر آھي ته روپ صاحب آخري هڏڪي تائين پورهيت فڪر ۽ فلسفي سان واڳيل رهيو.  هن کي موت کان وڌيڪ ذلت ۽ خودفريبي جي زندگي کان خوف هو . هنگري جي هڪ ڏاهي زولٽن زيلڪ هڪ هنڌ چيو هو ته : ها پر مونکي موت کان وڌيڪ خود فريبي ۽ ذلت جي زندگي کان خوف ٿئي ٿو.

مون کي يقين آھي ته روپ صاحب هر مظلوم ۽ محڪوم جي دلين سميت اسان جي دلين ۾ زنده رهندو .

روپ صاحب جي ڀائرن ، عزيزن   سميت سڄي سنڌ جي لکين غيور ، باهمت ، وطن دوست ، عوام دوست ڪارڪنن سان دلي تعزيت ڪجي ٿي.

پاڻهين ويٺا پاڻ سين ، پر ۾ پرياڻين ،

سامي سفر هليا، آسڻ اجهائين ،

رخصت رئارين ،آئون نه جئندي ان ري .