حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي جو سرگرم اڳواڻ ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ويجهي ساٿي ڪامريڊ احمد خان لغاري جي طبعيت خراب ٿي پئي آهي جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. 92 سالن جي ڪامريڊ احمد خان لغاري جو تعلق چمبڙ جي ڳوٺ عثمان لغاري سان آهي. کيس پيشاب جي تڪليف ٿي پئي آهي جنهن جي ڪري هن کي سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ نمبر 2 ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر جتوئي ۽ ٻين سول اسپتال وڃي ڪامريڊ احمد خان لغاري جي عيادت ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽي جي انهن اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ڪامريڊ جي زندگي بچائڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي. واضح رهي ته ڪامريڊ احمد خان لغاري باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ويجهو ساٿي هو ۽ هن سنڌ هاري ڪاميٽي کي فعال رکڻ لاءِ سرگرمي سان جدوجهد ڪئي.