حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي 10ھين ورسي ملهائي وئي. ورسي جي تقريب حيدرآباد پريس ڪلب سامھون منعقد ٿي جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي تصويرن آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاريون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ سوڀي جھڙا ڪردار سنڌ ۾ گھٽ پيدا ٿيندا آھن. موھن جي دڙي جي مٽي مان جنم وٺندڙ ڪامريڊ سوڀي لاءِ ٽئگور چيو ھو ته ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سنڌ جي ھارين، مسڪينن، مزدورن جي حقن لاءِ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي جدوجھد ڪئي. ڪامريڊ جھڙا ڪردار سنڌ جي اصل تاريخ آھن. اھڙن ھيرن تي سنڌ کي سدائين فخر رهندو. ھن چيو ته سنڌو درياھ تي 6 ڪئنال سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به قبول نه ڪندا. وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ جا ماڻھو سخت مزاحمت ڪندا. تقريب ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ جاني خاصخيلي، ڪامريڊ عبداش پنھور، ڪامريڊ محبوب حيدر، ڪامريڊ آزاد عالم لاشاري، جبار باغي، قاضي شبير احمد، ڪامريڊ ياسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.