حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي مارڪيٽ پوليس ڪارروائي ڪري 200 کان وڌيڪ چوري ٿيل موٽرسائيڪن جا پارٽس پنجاب منتقل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ٻن جوابدارن کي گرفتار به ڪيو ويو آھي، پوليس هير آباد جي علائقي پرنس علي روڊ تي ميران اسڪول واري گھٽي ۾ ھڪ مزدا ٽرڪ کي روڪي ان ۾ سٿيل ڪٽن ۾ پيل موٽرسائيڪلن جا پارٽس تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، مزدا ۾ سوار ٻن جوابدارن نعيم خان سواتي پٺاڻ ۽ محمد علي آرائين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏھن ته ٽرڪ جي منتقلي ۾ مدد ڪندڙ ٻه جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدارن جاچ ۾ اعتراف ڪيو آھي ته شھر جي مختلف علائقن مان چوري ٿيل گاڏيون خريد ڪري انھن جي پارٽس کي اسڪريپ جي شڪل ۾ لاھور منتقل ڪري وڪرو ڪيو ويندو آهي.