حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حسين آباد جي علائقي گدو چوڪ وٽ ريل گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته فوتي جي سڃاڻپ 17 سالن جي بلال پٽ آصف طور ٿي آهي جنهن جو تعلق لطيف آباد يونٽ نمبر 7 سان آهي. ايڌي پاران اهو به ڄاڻايو ويو ته نوجوان جي لاش بابت کين مقامي پوليس اطلاع ڏنو هو جنهن بعد انهن پهچي لاش ايمبولنس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نوجوان گدو پل وٽان پٽڙي ڪراس پئي ڪئي ته ريل گاڏي جي زد ۾ اچي ڪٽجي فوت ٿيو. پوليس سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو جيڪي پاڻ سان گڏ گهر کڻائي ويا هئا.