حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هيومن رائٽس ڊفينڊر ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل پوليس مقابلي کي جعلي قرار ڏيندي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ هيومن رائٽس ڊفينڊر جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ علي پلهه، ايڊووڪيٽ اندرجيت، حيا ايمان ۽ ٻين پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 2 نومبر تي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ميران اسڪول واري گهٽي ۾ اسامه پٽ محمد دين قريشي کي 13 گوليون هڻي ماري مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي. هنن چيو ته اسامه کي پوليس هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو. هنن چيو ته اسامه جي ڀيڻ عائشه مطابق سندس ڀاءُ اسامه جا مقتول نينگري زاليه جي ماءُ سان ويجها ناتا هئا ۽ هو نشي جي عادي آهي جنهن پاڻ پنهنجي ڌيءُ کي ماريو جڏهن ته پوليس سندس ڀاءُ اسامه کي ناحق مقابلي جو رنگ ڏئي ماري ڇڏيو. هنن چيو ته مقتول نينگري جي ڪا به ڊي اين اي رپورٽ جاري نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري پوليس اسامه جو ڪو ڪرمنل رڪارڊ پيش ڪري سگهي آهي. حيدرآباد پوليس هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ننڊي ڀاءُ جي عيوض گرفتار ڪيل وڏي ڀاءُ پورهيت ۽ بيمار دانش کي تشدد ڪري 50 هزار رپيا رشوت وٺي آزاد ڪيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. هنن چيو ته انهن مقابلن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن مارجي ويلن جي وارثن سان انصاف ٿي سگهي.