حيدر آباد ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي، 30 گهر پٽ، مزاحمت تي 2 ڄڻا گرفتار

0
20
حيدر آباد ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي، 30 گهر پٽ، مزاحمت تي 2 ڄڻا گرفتار
حيدر آباد ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي، 30 گهر پٽ، مزاحمت تي 2 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا لطيف آباد جي علائقي ۾ ڊبل روڊ ڀرسان ڪارروائي ڪري حددخليون هٽائي ڇڏيون آهن. حددخليون هٽائڻ دوران مزاحمت تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو جڏهن ته لطيف آباد جي اسسٽنٽ مختيارڪار جي فرياد تي واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. حددخليون هٽائڻ واري ڪارروائي ڊپٽي ڪمشنر جي نگراني ۾ اينٽي انڪروچمينٽ عملي جي مدد سان ڪئي وئي جنهن ۾ ڪچي آبادي واري کاتي سميت لطيف آباد تعلقي جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا. ڪارروائي دوران سرڪاري زمين تي ٺهيل اڏاوتون هٽائي پٽ ڪيون ويون. اڏاوتن ۾ 30 کان وڌيڪ ڪچا پڪا گهر موجود هئا، چيو پيو وڃي ته سروي نمبر 168 تي ڪجهه ماڻهن قبضو ڪري پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا هئا. انهن پلاٽن تي اڏاوتون به شروع ڪيون ويون هيون جيڪي ڪارروائي دوران ڊاهي پٽ ڪيون ويون. حددخليون هٽائڻ دوران مزاحمت تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ عبدالرحمان عرف لالا رحمان خان ۽ شفيع خان شامل آهن. واقعي جو ڪيس اسسٽنٽ مختيارڪار لطيف آباد اسد الله جوڻيجو جي فرياد تي 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو چوڻ آهي ته سرڪاري زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي.