حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ٻارن کي اغوا ڪري پنائڻ جو ڌنڌو ڪرائيندڙ شخص کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، نسيم نگر پوليس گشت دوران هڪ شخص علي نواز ولد علي اصغر کي گرفتار ڪري هن وٽان 6 سالن جي نينگر کي به بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ڪرايل نينگر جي سڃاڻپ 6 سالن جي عادل ولد محسن طور ٿي، جيڪو ڪياماڙي ٿاڻي جي حد ڊاڪس ڪراچي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي،گرفتار جوابدار علي نواز جو تعلق ماتلي ۽ هاڻي مڇر ڪالوني ڪراچي سان آهي، جتان هو نينگر عادل کي اغوا ڪري حيدرآباد پهتو جتي هو نينگر کان پنائڻ جو ڌنڌو ڪري رهيو هو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو. پوليس مطابق جوابدار ٻارن کي اغوا ڪري کين پنائڻ ۽ پوءِ وڪرو ڪري ڇڏڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار عادي ڏوهاري آهي. سندس خلاف نينگر جي والد محسن شاهه جي مدعيت ۾ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.