حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدر آباد جي علائقي حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ مھمان ٿي آيل سالي پنھنجي ڀيڻويي کي قتل ڪري ڀيڻ کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آھي پوليس موجب مقتول فدا حسين چانڊيو 2 سال اڳ فرزانا سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو سڱاوتي تڪرار سبب سندس سالو مھمان ٿي وٽن آيو ھو ۽ ھن چاقن جا وار ڪري ڀيڻويي فدا حسين چانڊيو کي قتل ڪيو ته جڏهن ته ڀيڻ فرزانه کي شديد زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو پوليس مقتول ۽ زخمي فرزانا کي سول اسپتال رسايو جتي مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمي فرزانا جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن پر اڃا تائين گرفتاري عمل نه اچي سگهي آهي نه وري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگھيو آهي