حيدرآباد (بيورو رپورٽ) دولتپور جي رهواسي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن زمين تي قبضي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڇهين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي. مختيار گائنچو، صنم گائنچو، مشتاق گائنچو، جيوڻي، گلان خاتون ۽ ٻيا علامتي بک هڙتال تي ويٺا، ان موقعي تي هنن ٻڌايو ته تعلقي قاضي احمد جي ديهه ننڍي ڪنداھ ۾ سندن 80 ايڪڙ زمين آھي جنهن تي اتان جو بااثر شخص قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، زمين تي قبضي خاطر هن سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ پوليس ذريعي ماڻھن کي حراسان ڪري خوفزده ڪيو پيو وڃي. هنن اپيل ڪئي ته سندن ٻني تي قبضي جي ڪوشش ۽ ناجائزين خلاف نوٽيس وٺي بااثر شخص خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي