حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ننڍي بلدياتي چونڊ سڀاڻي 14 نومبر تي ٿيندي. مجموعي طور 5 سيٽن تي چونڊ ٿي رهي آهي. چونڊ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. حيدرآباد جي سٽي تعلقي جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي يوسي 46 جي وارڊ نمبر هڪ تي 2 اميدوار هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن جن ۾ حارث احمد ۽ محمد عالم غوري وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي يوسي 61 جي وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ 5 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن جن ۾ تنوير احمد، شهباز صديقي، عدنان رشيد راجپوت، محمد جبران ڀٽي ۽ محمد فرحان شامل آهن. يوسي 46 لاءِ هڪ ۽ يوسي 140 تي چونڊ لاءِ 5 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. سٽي تعلقي جي سيٽن تي چونڊ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي بابر صالح راهپوٽو کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد جي ٽن سيٽن تي چونڊ تي ٿي رهي آهي جن ۾ يونين ڪميٽي 125 تي چيئرمين ۽ يونين ڪميٽي 140 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن جي چونڊ ٿيندي. يونين ڪميٽي 125 تي چيئرمين جي عهدي لاءِ اميدوارن احتسان برڪت، ماجد حسين، محبوب ابڙو ۽ نعيم احسن وچ ۾ مقابلو ٿيندو. يونين ڪميٽي 140 جي چيئرمين جي عهدي لاءِ پ پ پاران ذوالفقار علي ۽ وائيس چيئرمين لاءِ عمران، چيئرمين جي عهدي لاءِ سڪندر لاشاري، وائيس چيئرمين جي عهدي لاءِ ضمير احمد، چيئرمين جي عهدي لاءِ محمد اسلم ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي لاءِ نجم الدين، چيئرمين جي عهدي لاءِ مختيار احمد ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي لاءِ سعيد علي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. مجموعي طور 9 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 5 يونين ڪميٽي 125 ۽ 4 يونين ڪميٽي 140 ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. چونڊن لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد حتف سيال کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.