حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ برساتن کي ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين بجلي مڪمل طور تي بحال نه ٿي سگهيو آهي شھر جي سرفراز بابا فيڊر جا 5 ٿنڀا ڪرڻ سبب سرفراز بابا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجليءَ بند آھي جڏھن ته 72 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود شھر جي ھيٺانھين وارن علائقن مان برساتي پاڻي اڃا تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ان ڏس ۾ مزدور يونين ايڇ ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري انصاف علي لاشاري پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تہ حيدرآباد ۾ 26 جون کان شروع ٿيندڙ برساتن دوران 80 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ شھر جا ڪيترائي علائقا خاص طور ھيٺاھين وارا علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا پر حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي موجوده انتظاميا شھرين کي ريليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي ھن چيو ته ڊيزل جي فراهمي بند ھجڻ ڪري پمپنگ اسٽيشن بند رھيا جڏھن ته فيلڊ اسٽاف کي نه ته پگھارون ڏنيون ويون نه وري سهولتون جنهن سبب برساتن جو پاڻي رستن تي بيٺل رھيو جنهن سبب وبائي بيماريون پکڙجڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي ھن چيو ته موجوده انتظاميا غير قانوني طريقي سان مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ شھرين کي خدمتون فراهم ڪرڻ جون صلاحيتون ئي ناھن انڪري موجوده انتظاميا کي فوري طور تي ھٽايو وڃي ۽ ملازمن کي پگھارون ۽ پينشن فوري طور تي ادا ڪئي وڃي.