حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي چينل موري واري علائقي ۾ 2 ڏينهن اڳ اڪرم واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل اڌڙوٽ شخص جو لاش ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي سامهون گهانگهرا موري وٽ واهه مان هٿ آيو آهي، علائقي واسين مقامي ٽوٻن جي مدد سان لاش واهه مان ڪڍرايو، جيڪو بعد ۾ وارث کڻائي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته هٽڙي ٿاڻي جي حد چينل موري ڀرسان فوتي هيملو جنڊ هوڙو 11 اپريل تي واهه ڪناري وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿيو هو. هٽڙي ۽ ٽنڊو يوسف پوليس حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي فوتي جي لاش جي ڳولا نه ڪئي هئي، لاڏائو خاندان سان تعلق رکندڙ شخص جي وارثن مقامي ٽوٻن ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻه ڏينهن لڳاتار لاش جي ڳولا ڪئي ۽ گذريل ڏينهن کين فوتي جو لاش واهه مان هٿ آيو، جڏهن ته پوليس توڙي هٽڙي ٿاڻي جي پوليس واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.