حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي 15 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف مختلف الزامن تحت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي ميرپورخاص کي جاچ آفيسر مقرر ڪري انهن اهلڪارن ۽ آفيسرن کي پنهنجا پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. جن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف آءِ جي سنڌ جي حڪم تحت جاچ شروع ٿي آهي انهن ۾ هٽڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او خادم حسين ڀٽي، فورٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او رئيس خانزادو، ڇلگري ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڪاشف گاڏهي، معطل ۽ رورٽ ٿيل زاهد لغاري، سي آءِ اي ۾ مقرر اي ايس آءِ عرفان علي سپيو، غلام شبير، عبدالرحمان، محمد رمضان اعواڻ، شاهنواز، بلال تنولي، شاهنواز مگسي، عتيق احمد خاصخيلي، عمران وڳڻ ۽ جبري رٽائرڊ ٿيل شاهنواز مگسي شامل آهن. انهن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گذريل هفتي ڊي آءِ جي ميرپورخاص وٽ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جتي سندن بيان قلمبند ڪيا ويا آهن. جاچ شروع ٿيڻ جي باوجود انهن مان اڪثر آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجين ڊيوٽين تي موجود آهن.