حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي دوران حيدرآباد جي 160 يونين ڪائونسلن جي مختلف تڪن تي 10 لک 53 هزار 363 ووٽر پنهنجا نمائندا چونڊيندا، چونڊون 15 جنوري تي رٿيل آهن، جنهن جي لاءِ مجموعي طور 733 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. 160 پولنگ اسٽيشنون عورتن لاءِ ۽ 412 پولنگ اسٽيشنون گڏيل طور تي قائم ٿينديون. 161 پولنگ اسٽيشنون مردن لاءِ قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي. چونڊن ۾ 5 لک 74 هزار 379 ۽ 4 لک 78 هزار 984 عورت ووٽرن کي اهل قرار ڏنو ويو آهي. مجموعي طور تي 2 هزار 278 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا جن ۾ هڪ هزار 189 مردن ۽ هڪ هزار 89 عورتن لاءِ پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا. پولنگ اسٽيشنن لاءِ عملي جي مقرري به ڪئي وئي آهي جڏهن ته 15 جنوري تي رٿيل چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جي انتظامن کي به حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.