حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ حيدرآباد پاران ٻارهين ڪلاس جي پري انجنيئرنگ ۽ پري ڪمپيوٽر سائنس جي سالياني امتحان 2024ع جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. پري انجنيئرنگ/ جي امتحان لاءِ 12 هزار 8 اميدوارن فارم ڀرايا جن مان 11 هزار 815 اميدوار امتحان ۾ ويٺا. هڪ هزار 629 اميدوار اي ون گريڊ، 4 هزار 32 اميدوار اي گريڊ، 3 هزار 455 اميدوار بي گريڊ، هڪ هزار 218 اميدوار سي گريڊ، 132 اميدوار ڊي گريڊ ۽ 47 اميدوار اِي گريڊ ۾ پاس ٿيا. مجموعي طور 10 هزار 576 اميدوار پاس ۽ 971 اميدوار امتحان ۾ فيل ٿيا. پري انجنيئرنگ گروپ ۾ محمد آيان خان ولد عمران خان 985 مارڪون کڻي پهرين، عائشه ڌيءُ سليم احمد 983 مارڪون کڻي ٻي، معظم ولد عامر اعظم ۽ عبير فاطمه ڌيءُ غلام شبير انصاري 981 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڇوڪريون 93.92 سيڪڙو جي شرح سان ۽ ڇوڪرا 88.84 سيڪڙو جي شرح سان پاس ٿيا. مجموعي طور اميدوارن جي پاس ٿيڻ جي شرح 49.51 سيڪڙو رهي. پري ڪمپيوٽر سائنس گروپ ۾ هڪ هزار 923 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا جن مان هڪ هزار 885 اميدوار امتحان ۾ ويٺا. 94 اميدوار اي ون گريڊ، 591 اميدوار اي گريڊ، 729 اميدوار بي گريڊ، 222 اميدوار سي گريڊ، 7 اميدوار ڊي گريڊ ۽ 8 اميدوار اِي گريڊ ۾ پاس ٿيا. مجموعي طور هڪ هزار 651 اميدوار پاس ۽ 201 اميدوار امتحان ۾ فيل ٿيا. پري ڪمپيوٽر سائنس گروپ ۾ انزيلا شفيع ڌيءُ شفيع محمد پتافي 914 مارڪون کڻي پهرين، عريشا ڪاشف ڌيءُ محمد ڪاشف 910 مارڪون کڻي ٻي ۽ بشريٰ خلجي ڌيءُ الله ديا 900 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڇوڪريون 94.4 ۽ ڇوڪرا 83.74 سيڪڙو جي شرح سان پاس ٿيا. مجموعي طور اميدوار 87.58 سيڪڙو جي شرح سان پاس ٿيا آهن.