حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ شهر ۾ حددخلين خلاف هلندڙ آپريشن مڪمل نه ٿيڻ تائين گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير تي پابندي لڳائي ڇڏي، آپريشن جي نگراني لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت ايس بي سي اي کي حڪم ڏنو آهي ته جيستائين آپريشن مڪمل نه ٿو ٿئي تيستائين گرائونڊ پلس چار منزل عمارتن جي تعمير کي روڪيو وڃي، ايڇ ايم سي، ايس بي سي اي ۽ ضلعي انتظاميه عدالت کي آگاهه ڪيو ته پوليس تعاون نه ٿي ڪري، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته 4 هزار پوليس اهلڪار آهن ان مان 21 سئو اهلڪار عملدارن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڊيوٽيون ڪن ٿا، ايس ايس پي آگاهي ڏيندي چيو ته انڪروچمينٽ دوران ضلعي انتظاميا سان ڀرپور سهڪار پيا ڪريون پر نفري گهٽ هئڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ضلعي ۾ ٽريفئڪ پوليس جا رڳو 300 اهلڪار آهن ايس پي ٽريفئڪ نه هئڻ سبب ٽريفئڪ جو نظام مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش پيون اچن آءِ جي سنڌ کي ايس پي جي مقرري لاءِ لکيو آهي، ڊي سي آگاهي ڏيندي چيو ته پلاننگ اينڊ ٽائون کاتي پاران 2007ع ۾ شهر جو ماسٽر پلان ٺاهيو جيڪو 2027ع تي ختم ٿي ويندو بنا اسٽيڪ هولڊرز کي گهرائڻ جي ڪيترائي ڀيرا ماسٽر پلان تبديل ڪيو ويو آهي، 13 سال گذرڻ باوجود ماسٽر پلان تي ڪو به عمل نه ٿيو آهي جنهن ڪري شهر ۾ بنا ترتيب جي گهڻ ماڙ عمارتون ٺهيون آهن ان ڪري حددخليون هٽائڻ مسئلو پيدا پيو ٿئي، مون کي اضافي چارج مليل هئي ايڊيشنل چارج هئڻ سبب عدالتي حڪم تي هٽايو ويو آهي، عدالت ميونسپل ڪمشنر جو آرڊر ڏسڻ بعد جاري ڪيل ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ واپس وٺي ڇڏيا، عدالت حڪم ڏنو ته نئون ميونسپل ڪمشنر ضلعي انتظاميا سان ڀرپور تعاون ڪري، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 15 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.