حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  ڦليلي ٿاڻي جي حد اولڊ پاور هائوس واري علائقي مان 9 سيپٽمبر تي 17ورهين جو امان علي شاهه پٽ امجد علي شاهه ۽ سندس سئوٽ 15ورهين جو صمد علي شاهه پٽ محمد علي شاهه پاڙي مان پراسرار نموني گم ٿيا هئا جن جا ڪپڙا ۽ موبائيل فون هٿ اچڻ کانپوءِ سندن وارث بيحال آهن ۽ گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. نينگر امان علي شاهه جي والد امجد شاهه جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور کين پاڙي جي عورت رمضانو ٻنهي ٻارن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي هئي جنهن بابت انهن پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ بعد ۾ پوليس کيس تحويل ۾ به ورتو هو. هن چيو ته سندس پٽ امان جو موبائل فون 18 سيپٽمبر تي پوليس کي مليو ۽ پوليس فون استعمال ڪندڙ محسن شيخ جي نشاندهي تي سندس پٽ ۽ ڀائٽي جون قميصون به هٿ ڪري ورتيون آهن ۽ گرفتار محسن شيخ ڦليلي پوليس کي جاچ دوران ٻڌايو ته 12 سيپٽمبر تي ڄاڻايل موبائل فون ۾ سم سندس سالي لڳائي هئي جنهن کي به پوليس تحويل ۾ ورتو هو. هن الزام هنيو ته ڦليلي ٿاڻي جي پوليس توڙي ڊي ايس پي ڦليلي گرفتار ٿيلن کان آڏي پڇا ڪرڻ بدران کين ڳجهه ڳوهه ۾ آزاد ڪري ڇڏيو آهي. وارثن موجب ته 4 ڏينهن اڳ سندن نينگرن جا ڦليلي واهه جي ڪناري تان ڪپڙا ۽ هڪ موبائل فون هٿ اچڻ باوجود به سندن پتو ناهي پئجي سگهيو ۽ هاڻي ڦليلي پوليس سندن ڪيس خراب ڪرڻ لاءِ گرفتار ٿيل محسن شيخ سميت ٻين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جنهن بابت انهن ايس پي هيڊڪوارٽر وٽ به دانهيو هو پر ان به سندن ڪو تدارڪ ناهي ڪيو. ٻئي طرف فرنيچر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نينگر امان علي شاهه ۽ نائي جي دڪان تي ڪم ڪندڙ صمد شاهه جي حوالي سان سندن مائرون بيحال آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته نينگر ڪهڙي حال ۾ هوندا. واضح رهي ته نينگر امان ۽ صمد جي گمشدگي بابت ڦليلي ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ٿيل آهي پر 13 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين سندن ڳولا کي يقيني ناهي بڻايو. وارثن جو الزام آهي ته ڦليلي ٿاڻي جو ڊي ايس پي توڙي ايس ايڇ او نينگرن جي ڳولا ۾ سندن ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان ڪري ڊي آءِ جي معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن نينگر هٿ اچي سگهن.