حيدرآباد(بيورو رپورٽ) گسٽا حيدرآباد طرفان لطيف آباد نمبر 5 جي گورنمينٽ ڪمپري هينسو گرلز اسڪول جي پرنسپل خلاف پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙ استادن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي به ڪئي. مظاهرين کي گسٽا حيدرآباد ڊويزن جي صدر محمود احمد چوهاڻ، گسٽا ضلعي حيدرآباد جي صدر عبدالقيوم شيخ، ضمير خان، اعجاز ڪياني، طلعت بيگم ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته گورنمينٽ ڪمپري هينسو گرلز اسڪول ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپالز خلاف ڪارروائي ڪري کين فوري طور تي هٽايو وڃي. احتجاج ڪندڙ استادن الزام هنيو ته اسڪول جي پرنسپل استادن کان انڪريمنٽ جي سلسلي ۾ 500 رپيا في استاد رشوت ورتي آهي. هنن چيو ته استادن کان جبري رشوت وٺڻ برداشت نه ڪئي ويندي. پرنسپال نائلا سمون رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي ۽ هر استاد کان سروس بڪ ۾ داخلا لاءِ 500 رپيا ورتا پيا وڃن جيڪو عمل استادن سان ناانصافي آهي.