حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي غريب آباد واري علائقي ۾ گهر جي رڌڻي ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب اوچتو باهه لڳي وئي، باهه شدت سان رڌڻي بعد ٻين هنڌن به پکڙي، جنهن سبب گهر ۾ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته 10 ڄڻا  سڙي زخمي ٿي پيا. باهه جو اطلاع فائربرگيڊ عملي کي ڏنو ويو جڏهن ته ايڌي جون ايمبولنس به واقعي واري هنڌ پهچي ويون. علائقي واسين ۽ متاثر ماڻهن جي وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت سڙي زخمي ٿيلن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل گهر پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري روي تنبولي جو آهي جيڪو پنهنجي والدين ۽ ڀائرن سان گڏ ڄاڻايل گهر ۾ رهائش پذير آهي. گهر جي هيٺين حصي کي باهه لڳي هئي جنهن دوران سندس والدين، ڀائٽيا ۽ گهر جون عورتون سڙي زخمي ٿيون. زخمين ۾ شريمتي سويتري، شريمتي اوشا، عيني، شرده، آرتيا، ڀمي، بابو، ايشا، شان، ايوش ۽ رتن، شامل آهن. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  سول اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زخمين جو 75 سيڪڙو جسم متاثر ٿيو آهي جنهن ڪري کين ڪراچي علاج لاءِ اماڻيو ويو آهي. شروعاتي طور ٻڌايو پيو وڃي ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو ڄاڻايل خاندان رڌ پچاءُ بعد رڌڻي ۾ گئس بند نه ڪئي هئي ۽ صبح جو جيئن ئي ناشتو تيار ڪرڻ لاءِ عورتن گئس جي چلهي کي ٻاريو ته باهه لڳي وئي.  ٻي طرف  سڙي زخمي ٿيلن مان هڪ عورت عشا زال ساگر زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.