حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن(سي سي اي) جي سال 202ع جي اميدوارن محمد ڪامران، وحيد علي، اسد علي، بابر خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوڪرين جا آرڊر نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ھنن چيو ته اسان 2021ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت واري امتحان ۾ اعلي نمبر حاصل ڪرڻ ۽ انٽرويو ۾ بھترڪارڪردگي ڏيکارڻ باوجود اسان گھٽ نمبر ڏئي من پسند اميدوارن کي پاس ڏيکاري اسان جو حق ماريو ويو. جڏهن ته شھري (اربن) ڪوٽا جون 28 سيٽن تي ڀرتيون ڪيون جڏهن ته اربن سيٽن تي جن 2اميدوارن جا نمبر وڌيڪ هئا ان کي هٿ وٺي انٽرويو ۾ ناڪام ڪيو ويو، جڏهن گهٽ نمبر کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ عدالتي حڪمن کي به تسليم نٿو ڪيو وڃي ۽ بيقائدگيون جاري آھن. هنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ جاري بيقائدگين سبب نوجوانن ۾ سخت مايوسي ڇانيل آھي جڏهن ته نوجوان اعلي تعليم کان پاسيرا ٿي رهيا آھن. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ سميت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته مامري جو نوٽس وٺي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.