حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٺٽي جي پوسٽ آفيس اونگر جي ڳوٺ حاجي احمد دل جي رهواسي ولي محمد دل ۽ سڪندر دل جي گهر تي ڪراچي جي شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس ليڊيز اهلڪار سان گڏ چڙھائي ڪري 16ورهين جي نينگري ماروي ڌي صاحب خان دل کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران پوليس اهلڪارن جي تشدد ۾ نينگري ماروي جي ماسي شبانه جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي جڏهن ته نينگري جي چاچي اڪبر دل کي پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي. ان سلسلي ۾ نينگري ماروي پنهنجي ڀيڻ زليخان چاچي سڪندر ۽ ولي محمد دل سان گڏ گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نينگري ماروي دل دانهيندي چيو ته ننڊ پڻ ۾ واسطيداري جي ناتي منهنجي پي صاحب خان دل مونکي نپائڻ لاءِ حنيف شورو ۽ زيبل شورو کي ڏنو جتي شروع کان ئي ٻئي زال مڙس مونکي ڀائيندا نه هئا ۽ ڪجھ عرصو اڳ حنيف شورو مون تي بري نظر رکندي پهرين زال کي طلاق ڏئي مون سان زبردستي شادي جي ڪوشش ڪئي انڪار تي مارڪٽ ڪندو هو جنهن ظلم مان ڀڄي اونگر ڀرسان پنهنجي ڀيڻ زليخان ۽ چاچن وٽ پناھ ورتي جنهن تي حنيف شورو منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي شاھ لطيف ڪراچي جي ٿاڻي جي پوليس جي چڙھائي ڪري زبردستي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. هن الزام هڻندي چيو ته حنيف شورو کي ڳوٺ جي بااثر ماڻھو وڏيري اصغر دل جي پٺڀرائي حاصل آھي. ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آھي. حنيف شورو وارن سان رهڻ نٿي چاهيان ۽ پنهنجي ڀيڻ ۽ چاچن وٽ محفوظ ۽ خوش آھيان. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کي اپيل ڪئي ته بي گناھ گرفتار ڪيل چاچي اڪبر دل کي آزاد ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.