حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سپاف شھيد ڀٽو پاران وڏن سان گڏ معصوم ٻار به سنڌ دشمن منصوبي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ تڪراري ڪئنال منصوبي خلاف روڊن تي نڪري آيا، ٻارن ۾ ننڍڙيون ٻارڙيون به شريڪ ھيون، جيڪي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيون هنيون، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي فاطمه سوھو، مظھر سو ھو، زوھيب رند، ڪلثوم جکرو، امان سو ھو، مزمل ۽ ٻيا ٻار ڪري رھيا ھئا ، ان موقعي  مظاھري ۾ پي پي پي شھيد ڀٽو جا ڪارڪن به شريڪ ھئا، ھنن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي جي حفاظت لاءِ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ جا ٻار به ھر احتجاج ۾ ٻين سنڌ دوست ماڻھن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ھر جدوجهد ۾ شامل ھوندا. ھنن چيو ته جڏھن سنڌ دشمن منصوبن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، اسان سنڌ جي حفاظت لاءِ پوئتي ڪيئن رھنداسين. ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياھه تي نوان ڪئنال اڏڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ھر سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا ٻار به ھر ضلعي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪندا.