حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي صدارت هيٺ کير ۽ گوشت جا اگهه مقرر ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اجلاس سندس آفيس شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين ۽ واپاري نمائندن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر اجلاس دوران هدايت ڪئي ته کير جي قيمت 220 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان کان وڌيڪ قيمت وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن ۾ ڏنڊ ۽ ڪريڪ ڊائون شامل هوندا. اهڙي طرح اتفاق راءِ سان گوشت جي نئين مقرر قيمتن ۾ ڳئون جو گوشت هڪ هزار رپيا في ڪلو، مينهن جو گوشت 800 رپيا في ڪلو، ٻاڪرو گوشت 1850 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو. ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ چيو ته ضلعي انتطاميا جي اولين ترجيحي عوام کي رليف مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن رمضان المبارڪ دوران حيدرآباد جي شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون ميسر ٿي سگهن.