حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي پراڻي سبزي منڊيءَ ويجھو کليل گٽر نالي ۾ 4 ورھين جو معصوم ٻارڙو ڪري فوت ٿي ويو آهي، پاڙي وارن موجب ٻارڙن کين ٻڌايو ته ٻارڙو گٽر ۾ ڪري پيو آهي، جنهن تي پاڙي وارن کيس ٻاھر ڪڍيو ته نينگر فوت ٿي چڪو ھو، جنھن جي سڃاڻپ 4 ورھين جي محمد راحيل ولد محمد افضل طور ٿي آهي جيڪي ڪجھه وقت پھرين مسواڙ جي گھر ۾ رھڻ لاءِ لڏي آيا ھئا علائقي واسين جو چوڻ آهي ته کليل گٽر نالن ۾ ٻارن سميت بي زبان جانورن جو ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آهي، پر ضلعي انتظاميا ڪي به اپاءَ نه ٿي وٺي.