حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي سٽي بابر صالح راھپوٽو ۽ مختيارڪار جواد پاٽولي سان گڏ شھر جي مختلف بازارن جو اوچتو دورو ڪري مقرره قيمتن کان وڌيڪ اگهه وٺندڙ 17 دڪاندارن کان 30 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد سعود بلوچ، مختيارڪار علي شير بدراني ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار اسدالله جوڻيجو پاران تعلقي لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ قائم مارڪيٽن جو دورو ڪري اتي کاڌ خوراڪ وارين شين جون وڌيڪ قيمتون وٺندڙ 13 دڪاندارن کان 24 هزار 600 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو.