حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڊيري مالڪن اوچتو کير جي اگهن ۾ 5 کان 10 رپيا في ليٽر تي واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد واهپيدار سخت پريشان ٿي ويا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته کير جو سرڪاري اگهه 200 رپيا في ليٽر هو جيڪو هاڻي کين 210 رپيا في ليٽر جي حساب سان فراهم ڪيو پيو وڃي. ضلعي انتظاميا کير جي اگهن ۾ واڌ ڪندڙ ڊيري مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميا پاران جاري پڌرائي ۾ کير جي اگهن ۾ ردوبدل واري عمل کان لاعلمي جو اظهار ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ کير جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پاڻمرادو کير جي اگهن ۾ اضافو ڪندڙ ڊيري مالڪن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ڇاڪاڻ ته کير جا اگهه وڌائڻ بابت نومبر 2023ع ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو جنهن مطابق کير جو في ليٽر 200 رپيا مقرر ٿيل آهي. ان کانپوءِ اڃا تائين ضلعي انتظاميا پاران کير جي اگهن ۾ واڌ توڙي گهٽتائي بابت ڪو به نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو. سوشل ميڊيا تي مختلف گروپس ۾ شهرين پاران پوسٽون شيئر ڪيون ويون ته ڊيري مالڪن کير جي اگهن ۾ اوچتو 5 کان 10 رپيا في ليٽر تي پاڻمرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد کين کير جو في ليٽر 210 رپين جي حساب سان فراهم ڪيو پيو وڃي. ان کانپوءِ ضلعي انتظاميا پاران واڌو اگهه وٺندڙ ڊيري مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.