حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ چونڊن جو سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. مختلف سياسي جماعتن پاران سياستدانن ۽ برادرين جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ڀرسان راول هائوس ۾ سنڌ ميمڻ اتحاد جو هڪ اجلاس ٿي گذريو، جنهن جي صدارت مرڪزي ڪوآرڊينيٽر، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سنڌ ميمڻ اتحاد جي سرواڻ شرجيل ميمڻ ڪئي. اجلاس ۾ ميمڻ برادري کي گڏ ڪرڻ ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ 29 ڊسمبر تي مرڪزي ڪنوينشن راول هائوس تي منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي  ميمڻ اتحاد جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سنڌ جي عوام سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون. ميمڻ برادري جي مسڪين ماڻهن جي وس آهر هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته برادري جي پليٽ فارم تان برادري جي حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿاريو ويندو.