حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڄامشورو مان 15 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل شاگرد تاج محمد پنهور جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ علائقي واسين پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊز کڻي تاج محمد پنهور جي بازيابي لاءِ نعريبازي به ڪئي. مظاهرين جي اڳواڻي ڪندڙ اظھر پنهور، عبدالخالق ڇڇر، مير معراج پنهور ۽ ٻين چيو ته 15 ڏينهن اڳ دادو واسي انٽر جو شاگرد تاج محمد پنهور ڄامشوري مان گم ٿي ويو آهي. گهڻي ڳولا ڪرڻ جي باوجود اڃا تائين سندس ڪا به خبر نه پئجي سگهي آھي. گم ٿيل پٽ جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آھن. خدشو آهي ته تاج محمد پنهور کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته تاج محمد پنهور انٽر جو شاگرد آھي ۽ جيڪڏهن مٿس ڪو الزام آھي ته سندس گرفتاري ظاهر ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته شاگرد تاج محمد پنهور جي گمشدگي جو نوٽيس وٺي هن جي بازيابي لاءِ تحرڪ ورتو وڃي.