حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڄامشورو جي رهواسي راڻو خان کوسي سندس ۽ سرڪاري زمين تي قبضاگيرن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته ڄامشورو جي بااثر ماڻهن اسان جي 12 ايڪڙ زمين ۽ سرڪاري ڀڏي جي 42 ايڪڙ زمين وڪرو ڪري هاڻي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اسان خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندا. هن چيو ته ڄاڻايل ماڻهو بااثر آهن ۽ اهي مختلف ماڻهن جي زمينن تي قبضو ڪندا آهن. هن چيو ته اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مختلف وقتن تي اچي اسان کي تنگ ڪن ٿا جڏهن ته اسان ڪورٽ مان به زمين جو ڪيس کٽي آيا آهيون پر بااثر ان فيصلي کي به نٿا مڃن جنهن ڪري اسان خوف ۾ ورتل آهيون. هن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان گهر ڪئي ته ڄاڻايل بااثرن کان اسان جي جان کي خطرو آهي. کين تحفظ ڏياري سندن زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. هوڏانهن پاڪستان ريلوي ڪراچي ڊويزن جي ٽنڊو آدم ۽ حيدرآباد سيڪشن جي ڪچن ملازمن سرڪار پاران مقرر 3700 هزار رپيا پگهار نه ملڻ، نوڪرين تي پڪو نه ڪرڻ ۽ 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريحان شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته 10ورهين کان ڪچن ملازمن طور ٽنڊو آدم سيڪشن تي ڪم ڪري رهيا آھيون جڏهن ته گذريل 4مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيون آھن جنهن سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون جڏهن ته 10ورهين کان نوڪري ڪرڻ باوجود پڪو نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان سردي هجي يا گرمي پنهنجي فرضن ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي ناهي ڪئي پنهنجي نوڪري فرض سناشي سان ادا ڪئي آھي. هنن وزيراعظم پاڪستان، ريلوي کاتي جي وفاقي وزير کي اپيل ڪئي 4مهينن جون رهيل پگهارون ڏئي نوڪرين تي پڪو ڪيو وڃي.