حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي اديبن ۽ ليکڪن شاھ عبداللطيف ڀٽائي کي عالم انسانيت جو شاعر ۽ ٻولي جو محافظ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻولي جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي لطيف جي ويجھو آڻي کين لطيف جي امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت واري پيغام بابت آگاهي ڏجي. اهڙو اظهار هنن سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران منعقد ڪرايل ٻن ڏينھن جي ”ٻارن لاءِ شاهه لطيف جو ميلو“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ميلي جو افتتاح سياحت ۽ ثقافت کاتي جي نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاهه ۽ اطلاعات کاتي جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه گڏجي ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جنيد علي شاھ چيو ته سنڌ ثقافت ۽ تاريخي ورثن جي لحاظ کان دنيا ۾ امير ترين آهي پر بدقسمتي سان پنھنجي عظيم ثقافت، تھذيب، تاريخ ۽ شاھ لطيف جھڙي عظيم شاعر کي دنيا اڳيان گهربل مقام تائين پھچائي نه سگهيا آهيون. لطيف جو پيغام صرف سنڌ لاءِ نه پر عالم انسانيت لاءِ به آهي جنھن کي پوري دنيا ۾ ڦھلائڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ اوقاف کاتي جي نگران صوبائي وزير سيد محمد احمد شاھ چيو ته شاھ عبدالطيف ڀٽائي دنيا جو وڏو فلاسافر شاعر آهي. سندس شاعري ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام آهي. لطيف عورت کي پنھنجي ڪلام جون سورميون ٺاهي انهن جي اهميت ۽ احترام کي وڌايو. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي  چيو ته شاھ لطيف نه ڪنھن درگاھ جو گادي نشين ٿيو ۽ نه ئي تعويذ ڦيڻا ڪري مرشد بڻيو پر هن شاعري وسيلي نئين سنڌ جي اڏاوت ڪئي.  تاج جويو، اياز گل، ڊاڪٽر احسان دانش  چيو ته موهن جو دڙو، سنڌو درياءَ ۽ لطيف سنڌ جي سڃاڻپ جا ٽي اهم حوالا آهن ۽ اهي ٽئي حوالا اسان جو قيمتي اثاثو آهن. جڏهن ته تقريب افتتاحي تقريب کي پروفيسر منوج ڪمار، مختيار ملڪ پڻ خطاب ڪيو،  جڏهن ته  ”ٻارن لاءِ شاهه لطيف جو ميلو“ ٻن ڏينهن تائين جاري رهندو جنھن ۾ مختلف اسڪولن توڙي انفرادي طور ايندڙ ٻار تقريري مقابلي، شاعري، موسيقي ۽ مصوري ذريعي پنھنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا جن کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. ميلي ۾ مختلف ادارن پاران ڪتابن ۽ کاڌي پيتي جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن.