حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي لاءِ ننڍي ڀاءُ طرفان وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

0
407
حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي لاءِ ننڍي ڀاءُ طرفان وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف
حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي لاءِ ننڍي ڀاءُ طرفان وڏي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

حيدرآباد: ننڍي ڀاءُ ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ جي لاءِ وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ۾ ننڍي ڀاءُ پنهنجي ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ جي لاءِ وڏي ڀاءُ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس موجب واقعو ايئرپورٽ روڊ جي علائقي ۾ پيش آيو هو، جتي جوابدار ڀاڄائي ۽ دوست سان گڏجي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي نشي آور شئي ڏئي بيهوش ڪيو ۽ پوءِ گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس موجب جوابدار واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي لاءِ لاش کي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيو، جڏهن ته جاچ جي لاءِ جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو ته ان قتل جو اعتراف ڪري ورتو

پوليس ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ چاهيندو هو، جنهن جي لاءِ هن وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي گهرواري ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي