حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعلقي جاتي جي ڳوٺ زيرو پوائنٽ وٽ پاڪستاني سامونڊي حدن سرڪريڪ مان ڀارتي فورسز پاران کنڀيل 2 نوجوان مهاڻن جي آزادي لاءِ ڳوٺاڻي پاران پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي ڳوٺاڻي غلام مصطفيٰ ملاح چيو ته 4 مهينا اڳ جاتي سرڪريڪ مان انڊين نيوي سندس 30 ورهين جي پٽ صدام حسين ۽ سندس سالي جي پٽ 33 سالن جي علي بخش ولد محمد رحيم کي مڇي ماريندي تحويل ۾ ورتو. هن چيو ته انڊين نيوي پاران حملو ڪري کنڀيل ٻنهي ڄڻن جي ڀارت جي شهر گجرات جيل ۾ قيد هجڻ جا اطلاع آهن. هن پاڪستان حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سندن نوجوانن کي ڀارتي جيل مان آزاد ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.