حيدرآباد (بيورو رپورٽ) فيض گنج جي علائقي پڪا چانگ جي ڳوٺ حاجي محمد پريل چانگ جي رهواسڻ پيرسن غلام زهره چانگ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون پنهنجي ڌيءُ ڪبره ۽ ٻين سان گڏ قتل ڪيس ۾ ناحق ڦاسائڻ، گهر مان ڦرلٽ ۽ ٻين پٽن جي پراسرار گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي هن ٻڌايو ته 10 ڏينهن اڳ پيروسڻ ۾ سندس ناٺي عاطف ۽ سندس پٽ رسول بخش وچ ۾ جهيڙي ناٺي عاطف قتل ٿي ويو جنهن تي سندس پٽ رسول بخش پاڻمرادو پوليس وٽ گرفتاري ڏئي ڇڏي پر ان جي باوجود مقتول عاطف جي ڀائرن لياقت، عبدالحفيظ، ميرحسن، حضور بخش اسان گهرن تي حملو ڪري ڏنو ۽ ڦرلٽ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي ويا آھن جنهن جي خوف مان سندس 2 پٽ عبدالغفور چانگ ۽ عبدالرزاق چانگ گهران نڪرڻ کانپوءِ لاپته ٿي ويا آھن. نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ ڪيو وڃي.