حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد سان تعلق رکندڙ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس نارين پاران نوڪريون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي لبنا، شهنيزه ۽ ٻين چيو ته انهن تازو آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي 60 کان وڌيڪ مارڪون کنيون ۽ پاس ٿيڻ باوجود کين اڃا تائين ملازمت ناهي ڏني وئي جڏهن ته سٽي ۽ قاسم آباد تعلقن ۾ 33 کان 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو ته هو ميرٽ تي پاس ٿيون آهن پر تنهن باوجود لطيف آباد تعلقي جا ٽي اي اوز خالي آساميون لڪائي ملازمت ڏيڻ کان انڪاري آهن. نارين الزام هنيو ته تعليم کاتي جا عملدار ملي ڀڳت ڪري لطيف آباد ۾ ٻين تعلقن جي اميدوارن کي ڀرتي ڪري رهيا آهن پر کين آساميون خالي نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته لطيف آباد سان تعلق رکندڙ عورت اميدوارن سان ٿيندڙ ماٽيلي ماءُ واري سلوڪ جو نوٽيس وٺي ته جيئن کين ملازمتون ملي سگهن.