حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پي ايس ٽي پاس اميدوارن ۽ سانگھڙ واسين مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. اڇڙي واسي جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي اميدوارن نوڪريون نه ملڻ خلاف محمد رياض درس، رسول بخش هنڱورو، موسيٰ چانهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته تعليم کاتي جا عملدار سندن علائقن کي هارڊ ايريا ڄاڻائي نوڪريون نه ٿا ڏين جڏهن ته عملدارن پنهنجا نواز پاليسي تحت ڪيترن ئي اميدوارن کي ملازمتون ڏئي ڇڏيون آهن. اميدوارن مبينا طور الزام هنيو ته تعليم کاتي ۾ ويٺل ڪرپٽ ڪامورا رشوت عيوض استادن جون نوڪريون وڪرو پيا ڪن جنهن ڪري ميرٽ تي ٽيسٽ پاس اميدوار نوڪرين کان محروم بڻيل آهن. اميدوارن اهو به ٻڌايو ته هارڊ ايريا جون لڪايل سيٽون ظاهر ڪرڻ بدران مقامي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز حوالي ڪيون ويون آهن. هوڏانهن سانگهڙ جي ڳوٺ محراب لسڪاڻي جي رهواسڻ پيرسن صدوري لسڪاڻي پسند جي شادي ڪندڙ پٽ ۽ ننهن جي مبينا اغوا خلاف دانهيو ته ڪجهه عرصو اڳ سندس پٽ رياض لسڪاڻي پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن بعد هو ننهن زاهده ميرالي سان شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي روضي تي گهمڻ ويو جتان هو زال سميت مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي خدشو آهي ته سندس پٽ کي ننهن جي مائٽن مبينا طور اغوا بعد قتل نه ڪري ڇڏيو هجي ان لاءِ وس وارا معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن سندس پٽ ۽ ننهن بازياب ٿي سگهن.