حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پيرسن نچندي نچندي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويو. ان ڏس ۾  شهر جي حيدر چوڪ تان ملنگ جو روپ اختيار ڪري موٽر سائيڪل چوري ڪندڙ پيرسن گرفتار ٿي ويو آهي، سليم عرف ببلو کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري موٽر سائيڪل به هٿ ڪري، ڪيس داخل ڪري ورتو آهي سليم عرف ببلو حيدر چوڪ تي هڪ ڊيري سامهون رقص ڪري رهيو هو ته هڪ شهري سندس وڊيو رڪارڊ ڪئي رقص ڪندي ڪندي هو هڪ شهري جي چالو حالت ۾ بيٺل موٽر سائيڪل تي ويٺو ۽ اها موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويو اها موٽر سائيڪل فورٽ جي حد ۾ رهندڙ هڪ شخص محمد دانش شيخ جي هئي ملنگ پاران موٽر سائيڪل چوري جي اطلاع تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو پوليس سي سي ٽي وي فٽيج هٿ ڪري لطيف آباد مان ملنگ جو ٻهروپ اختيار ڪندڙ شخص سليم عرف ببلو کي گرفتار ڪيو ٻهروپي ملنگ پاران موٽر سائڪل چوري ڪرڻ جو اعتراف، محمد دانش شيخ جي فرياد تي مڪي شاھه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.