حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ينگ پيراميڊيڪل ايسوسيئيشن سول اسپتال حيدرآباد پاران تنظيم جي اڳواڻ روي تمبولي جي جبري بدلي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون روي تمبولي، آصف سنصاري، جاويد راجپوت ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي جبري بدلي ٿيل روي تمبولي چيو ته مون کي حق ۽ سچ چوڻ تي بدلي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪرپشن ۽ بدانتظامي خلاف آوارز اٿارڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي. ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ ڏوهه آهي. هن چيو ته ديلي ويجز ملازم سرڪار پاران مقرر 37000 پگهار کان محروم آهن. جڏهن ته سيڪيوريٽري ڪمپني سيڪيورٽي گارڊن کي سرڪار پاران مقرر پگهار ادا نه ٿي ڪري. هن مطالبوڪيو ته سول اسپتال جي بدانتظامي ۽ ڪرپشن جو نوٽس وٺي ملازمن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيئيشن ۽ سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن حيدرآباد جي ملازمن بند ٿيل پگھارن جي ادائگي سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون گذريل ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. محمد جمن چنا، نور محمد کوسو، سخاوت علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ملازمن جون 6 مھينن جي پگھار  ۽ پينشن  بند ڪئي وئي آهي. 2016ع کان وڌايل پگھار ناهي ڏني وئي، ھنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ملازمن جون پگھارون  ۽ پينشن  واري رقم ٽريزري کان آن لائن ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.