حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٻن ڄڻن کي حبس بيجا ۾ رکي لکين رپيا وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار سب انسپيڪٽر ۽ سپاهي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدارن کي رمانڊ جي درخواست رد ڪندي جيل موڪلي ڇڏيو. سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 4 جي عدالت جوابدار وحيد پنهور ۽ شعيب کي 2 ڏينھن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس جوابدارن کان وڌيڪ جاچ لاءِ رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت ٻنھي جوابدارن جي رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کين جيل موڪلي ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او ڪينٽ عمران رشيد جي فرياد تي الزام هيٺ آيل سب انسپيڪٽر ۽ 3 پوليس اهلڪارن سميت 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. 30 آڪٽوبر تي محمد صالح عرف جواد ميمڻ ۽ عتيق سومرو کي گنڀي گم ڪيو ويو هو. ٻئي ڏينهن ٻنهي ڄڻن کان لکين رپيا وٺي کين الفلاح پيٽرول پمپ وٽ ڇڏيو ويو. ڪيس ۾ نامزد سب انسپيڪٽر وحيد پنهور، پوليس ڪانسٽيبل زوهيب حسن گرفتار ٿيا هئا. محمود گجر ۽ هڪ نامعلوم اهلڪار ۽ پرائيويٽ ماڻهن کي اڃا تائين پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي. عدالت ٻڌڻي دوران جوابدارن کي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.