حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽي ايم سي شاهه لطيف آباد جي آفيس ۾ ٽائون آفيسر ۽ پ پ اڳواڻ ۾ تلخ ڪلامي بعد ڇڪتاڻ وڌي وئي جنهن بعد ٻنهي ڌرين جا وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا. جهيڙي بابت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ به واضح طور نظر اچي ٿو ته پ پ اڳواڻ چوڌري نظام آرائين ٽائون آفيس مان ٻاهر نڪري پنهنجي گاڏي طرف وڃي ٿو ته ٽائون آفيس ۾ موجود ملازم پيڇو ڪري گيٽ وٽ روڪين ٿا. ملازمن پ پ اڳواڻ جي هڪ گارڊ کي هٿيار سميت سوگهو ڪري بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو. پ پ اڳواڻ چوڌري نظام آرائين جو چوڻ آهي ته هو ٽائون آفيس ۾ ڊائريڪٽر انڪروچمينٽ شڪيل قائمخاني سان ملاقات لاءِ ويو ۽ واپسي تي ميونسپل آفيسر امانت لاکو بنا جواز ڳلي ۾ هٿ وڌا ۽ تشدد ڪري ڪپڙا ڦاڙيا. ميونسپل آفيسر امانت لاکو جو چوڻ آهي ته چوڌري نظام آرائين آفيس ۾ اچي گٿا لفظ ڳالهائي ڌڪا ڏنا. ذريعن نوجب ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف ڌار ڌار رپورٽ به داخل ڪرائي آهي پر رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن ٻنهي ڌرين پاران اين سي رپورٽ داخل ڪرائڻ کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.