حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي واسا ۽ سيوريج ملازمن 12مهينن کان پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪلمي شريف جو ورد ڪري انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي  مھراڻ ورڪرز يونين واسا واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن حيدرآباد جي صدر آفتاب لاڙڪ، محمد اسلم عباسي ۽ ٻين چيو ته واسا ۽ سيوريج ملازم ۽ رٽائرڊ ملازم گذريل 12مهينن جي پگهارن کان محروم آھن.حڪومت جي نااهلي سبب احتجاج واسا ۽ سيوريج ملازمن جو مقدر بڻجي ويو آھي.اداري جي انتظاميا جا ناجائز خرچ کٽڻ جا ناهن جنهن سبب ملازمن جا ٻچا ۽ بيواهون بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هنن چيو ته ڪلمي شريف جي ورد جو مقصد حڪمرانن ۽ انتظاميا لاء دعا گهرڻ آھي ته الله کين هدايت نصيب ڪري غريب ملازمن جي گهرن جي وساميل چلھ جو احساس ٿي. هنن چيو ته جيڪڏهن کين رهيل پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ جي صورت ۾ شهر جو پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي توڙي سيوريج سسٽم کي جام ڪرڻ ھوندو.