حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ واسا ملازمن جو 13مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ نوڪرين تي پڪو نه ڪرڻ خلاف مظاهرو،ڌرڻو،ڪم ڇڏ هڙتال جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اقليتي مسلم اتحاد جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد، واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن حيدرآباد جي ملازمن کي گذريل 13 مهينن جون پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن کي سنڌ حڪومت جي اعلان ۽ نوٽيفڪيشن تحت ملازمن کي 42 هزار رپيا ماهوار ملڻ خلاف گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڪاڪُو، يونس گل، مير محمد بلوچ ۽ سينيئر مزدور اڳواڻ محبوب علي قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ليبر قانون موجب هر اداري کي مزدورن ۽ ملازمن کي هر مهيني جي آخر ۾ 10 ڏينهن اندر پگهارون ڏيڻ لازمي قرار ڏنل آھي جڏهن ته ان جي ڀڃڪڙي تي سزا ۽ ڏنڊ مقرر آهي. پر واسا ۾ ته ملازمن کي پگهارون سال کان پوء به نٿيون ملن. هنن چيو ته مزدورن جا گهرڀاتي شديد بيمارين ۾ مبتلا آهن پر علاج لاءِ پئسا نه هجڻ سبب علاج نٿا ٿا ڪرائي سگهن. هنن سنڌ سرڪار ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ته جيڪڏهن 13 مهينن جون پگهارون ۽ پينشن ادا نه ڪيون ويون ته ملازم ڪم ڇڏ هڙتال ڪندا، جنهن جي ذميواري حيدرآباد واسا اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي آفيسرن تي هوندي.