حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هڪ ئي رات دوران ٽن مبينا پوليس مقابلن ۾ 3 زخمي جوابدارن سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. حيدرآباد جي ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ نيو لنڪ روڊ گلشن حامد وٽ ٿيل مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار بلال عرف بلاول ڳهيلو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. پوليس بلاول ڳهيلي وٽان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار 18 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو. هن جو تعلق ڦرلٽ ڪندڙ گروهه سان آهي ۽ حيدرآباد ۾ جيڪي تازيون وارداتون ٿيون آهن انهن ۾ به زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار ملوث هو. حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ۾ ٻئي مقابلي دوران هڪ جوابدار دانيال ميمڻ کي زخمي حالت ۾ ۽ سندس ٻن ساٿين درياهه خان ۽ مهتاب عرف ممتاز سومرو کي حڪمت عملي سان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جوابدارن وٽان 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس مطابق هڪ موٽرسائيڪل نسيم نگر جي علائقي مان ڦر ٿيل هئي. اهو مقابلو ڄامشورو روڊ تي بچاءُ بند وٽ پيش آيو. پوليس مطابق جوابدارن کي شڪي حالت ۾ ڏسي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن فائرنگ ڪئي ۽ نتيجي ۾ جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ ۽ سندس ساٿي حڪمت عملي سان گرفتار ڪيا ويا. ساڳئي رات ٽيون مقابلو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو. اهو مقابلو لطيف آباد نمبر 11 جي اماني شاهه ڪالوني جي پرائمري اسڪول ڀرسان پيش آيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار حضرت صافي پٺاڻ زخمي ٿي پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. گرفتار جوابدار بابت پوليس جو چوڻ آهي ته اهو ڦرلٽ ڪندڙ گروهه سان تعلق رکي ٿو ۽ پوليس کي مختلف 12 ڪيسن ۾ گهربل هو جن ۾ چوري، ڦر، منشيات جي سپلائي، غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ پوليس سان مقابلن جهڙا ڪيس شامل آهن. زخمي جوابدارن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن.