حيدرآباد ( بيورو رپورٽ) لطيف آباد يونٽ نمبر 10 ۾ موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ هڪ ڄڻو مارجي ويو اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل 50 سالن جي فرحان علي پٽ مشرف حسين جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ اهو لاش وارث يونٽ نمبر 5 کڻائي ويا بي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مارجي ويل فرحان احمد بسم الله سٽي ڀرسان رڪشائن سميت ٻيون گاڏيون پارڪ ڪري گذر سفر ڪندو هو جيڪو ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو دير سان گدام بند ڪري گهر پئي ويو ته اڻ ڄاتل موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن مٿس فائرنگ ڪئي جنهن دوران مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سندس موت واقع ٿيو پوليس موجب کين شروعاتي جاچ مان لڳي ٿو ته مقتول کي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آهي ڇاڪان سندس کيسي ۾ موبائل فون ۽ ڪجه پئسا به موجود هئا جيڪڏهن واقعو ڦر دوران پيش اچي ها ته حملي آور کائنس موبائل فون توڙي رقم به کڻي وڃن ها پوليس موجب انهن مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪري معاملي جي هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي سندس وارثن پاران تدفين بعد ڪيس داخل ڪرائڻ جو چيو آهي.