حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ نيو سعيد آباد جي ڳوٺاڻن سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ نيو سعيد آباد جي ڳوٺ سيراچون ڪاڪا ۾ قتل ٿيل ايس پي ايس سي آفيسر ۽ ان جي چاچي جي قاتلن جي عدم گرفتاري  خلاف سندن وارثن مظاهرو ڪيو. غلام سرور ڪاڪا ۽ ٻين ٻڌايو ته عيد الضحيٰ جي ڏينهن 6 ڄڻن منصوبابندي تحت سندس پٽ سچيڏنو ۽ ڀاءُ الهبچائي کي قتل ڪيو. 3 مهينا گذري چڪا آهن پر پوليس مک جوابدار فاروق ڪاڪا ۽ نور محمد ڪاڪا کي گرفتار نه ڪيو آهي. قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب کين به جاني ۽ مالي نقصان جو خدشو آهي جڏهن ته جوابدار کين جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدار جي عدم گرفتاري پوليس جي نااهلي کي ثابت ڪري ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 6 جي علائقي جي راجپوت ڪالوني جي رهواسڻ زبيده زال محمد خالد بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران سندس ڀاءُ عبدالستار راجپوت کي کنڀي مٿس تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪندي  ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او طاهر مغل 2 نامعلوم اهلڪارن سان گڏ سندس ڀاءُ محمد خالد راجپوت کي گرفتار ڪري سندس کيسي ۾ پيل 16 هزار رپيا ڪڍي ورتا ۽ سخت تشدد جو نشانو به بڻايو. هن چيو ته پوليس مقابلو ڄاڻي فل فرائي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي کيس ٿاڻي تي گهرائي 3 لک 70 هزار رپيا رشوت وٺي ڀاءُ کي آزاد ڪيو. ايس ايڇ او ظلم ڪيو آھي ۽ ناحق رشوت ورتي آهي. هن اپيل ڪئي ته سندس ڀاءُ جي گرفتاري ۽ بعد ۾ وڏي رشوت عيوض آزادي واري معاملي جي جاچ ڪرائي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن عوامي اتحاد ڄامشورو، مصري ڳوٺ ۽ يوسف ڳوٺ جي رهواسين لياقت يونيورسٽي جي ڀرسان قديمي رستو بند ڪرڻ واري عمل خلاف پپن خان کوسو، رئيس محمد عثمان چانڊيو، محمد سليمان ڀلائي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ اربع تائين رستو نه کوليو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.  سنڌ سڀا پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. انعام سنڌي، انور بڙدي، اصغر علي ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان نوجوانن کي چونڊي چونڊي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ اهو سلسلو رڪجڻ بدران روزانو وڌي رهيو آهي. کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو ڪو پتو نه آهي ته هو ڪٿي آهن. اهڙي عمل سان سنڌ ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن کنڀي گم ڪيل نوجوانن خلاف ڪي شڪايتون آهن ته انهن کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. کين غيرقانوني طور حراست ۾ رکڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي. پريا ڪماري سميت کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.