حيدرآباد( بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ نينگر سان 4ڄڻن پاران اجتماعي طور بدفعلي جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ لطيف آباد يونٽ نمبر 12 جي فيروز آباد ڪالوني واري علائقي ۾ 9 سالن جي نينگر محمد عاصم پٽ نيڪ محمد نيازي سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته فيروز آباد ڪالوني جي رهواسي ڊرائيور نيڪ محمد نيازي پٽ سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته 10 مئي تي سندس پٽ محمد عاصم سائيڪل تي گهر جو سامان وٺڻ ويو واپسي ۾ پاڙي ۾ رهندڙ نوجوانن فصيح ۽ اعراف کائنس سائيڪل ڦر ڪئي ۽ زبردستي گهر وٺي ويا ۽ فصيح جي گهر ۾ سندس 2 دوست اڳ ۾ ئي ويٺل هئا جن ۾ ٻه حسنين ۽ اشعر رهن ٿا، جڏهن ته 2 نامعلوم شامل آهن جن گڏجي پٽ کي اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ بعد موبائل فون تي وڊيوز به ٺاهيون، فريادي ڪيس ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته سندس پٽ کي ٻيهر جوابدارن پاڻ وٽ گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انڪار تي پٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ دفعلي واري وڊيو سندس نمبر تي واٽسيپ ڪئي هئي جنهن بعد هن ٿاڻي پهچي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او عمران رشيد جي دعوي آهي ته نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻائي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اعتراز جوڳي حالت ۾ وڊيو ٺاهيندڙ چئن جوابدارن فصيح، اعراف، حسنين ۽ اشعر کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته متاثر نينگر جو اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو آهي جنهن جي اڃا تائين رپورٽ پڌري نه ڪئي وئي آهي.