حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي بلديا ڪالوني حر ڪيمپ جي رهواسي عورتن هڪ ڏينهن اڳ پاڙي مان پراسرار گم ٿيل نينگري جي ڳولا جي سلسلي ۾ پريس ڪلب سامهون پهتيون.ان موقعي تي پراسراگم ٿيل نينگري جي امڙ روبينا زال ارباب ٽالپر چيو ته سندس معصوم 15ورهين جي ڪومل گهر مان شئي وٺڻ لاء ٻاهر نڪتي جيڪا گهڙي دير تائين گهر نه موٽي جڏهن ڳولا ڪرڻ باوجود ڌي جو پتو نه پئجي سگهيو آھي.هن چيو ته سندس گم ٿيل ڌي جو ذھني توازن به درست ناهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ پوليس کي به اطلاع ڪئي آھي.هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڌي جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي