حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. ايس يو پي جو سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، امير آزاد، منير نائچ، جڳديش آھوجا، رضا ٻرڙو، غفار چانڊيو ۽ ٻيا بک هڙتال تي ويٺا. ايس يو پي جي بک هڙتال ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي به ڪئي. اڳواڻن روشن ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت سنڌو درياهه تي ڌاڙو هڻي سنڌ واسين کي ديوار سان لڳائڻ چاهي ٿي. چولستان ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ سنڌ معاشي طور تباهه ٿي ويندي. ڪراچي سميت شهري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي ۽ سامونڊي پٽي تي آباد لکين ماڻهن لڏپلاڻ جو شڪار ٿي ويندا. هنن چيو ته پ پ جا چونڊيل نمائندا، سنڌ جو وڏو وزير ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان معاملي تي خاموش آهن. ملڪ جي صدر آصف علي زرداري 8 جولاءِ تي صدارتي محل ۾ ويهي غير آئيني فرمان ذريعي سنڌ جي عوام سان ظلم ڪيو آهي. ايس يو پي پرامن سياسي جدوجهد جا سمورا طريقا استعمال ڪندي. سندن جماعت گذريل 4 مهينن کان مسلسل روڊن تي احتجاج ڪري رهي آهي. 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو عمل ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو تسلسل آهي جنهن ذريعي پنجاب جون ريگستاني زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب پنهنجي پراڻي خواهش کي جبري طور عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشان آهي. هنن چيو ته سنڌ جو عوام ظلم خلاف خاموش نه ويهندو ۽ سنڌو کي پهچائڻ لاءِ پنهنجو احتجاج جاري رکندو. ھنن مطالبو ڪيو ته نوان ڪئنال ٺاھڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو ان عمل خلاف رستن تي آهن ۽ هو خاموش ٿي نه ويهندا.